عدالت پاران نيب کي حتمي ريفرنس داخل ڪرڻ جي اجازت

سکر (جئيرام داس )احتساب عدالت پي پي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ حتمي ريفرنس پيش ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ڇڏي آهي. عدالت نيب جي درخواست تي 5 آڪٽوبر تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي وڌيڪ ڪاروائي 24 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان کان اڳ خورشيد احمد شاهه کي سخت سيڪيورٽي هيٺ اين آئي سي وي ڊي اسپتال کان ايمبولينس ذريعي احتساب عدالت پھچايو ويو. نيب خورشيد شاهه ۽ سندس گهر ڀاتين سميت 17ڄڻن کي ريفرنس ۾ نامزد ڪيو آھي، نيب خورشيد شاهه خلاف ھڪ ارب 23 ڪروڙ جو ريفرنس داخل ڪيو  هو. نيب بعد ۾ هٿ ڪيل ثبوت حتمي ريفرنس ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي جنهن جي خورشيد شاهه جي وڪيلن مخالفت ڪندي چيو هو ته هڪ سال کان هو گرفتار آهي، نيب اڳ م گرفتاري ڪري ثبوت پوءِ ٿا گڏ ڪن. نيب قانون موجب ريفرنس داخل ڪرڻ بعد ٻيهر ان ۾ واڌارو نٿو ڪري سگهجي. عدالتي ڪاروائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاھ چيو ته ھن وقت ملڪ جون معاشي حالتون انتھائي خراب آھن، پي ٽي آئي حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ملڪ جي مسئلن جو حل رڳو پارليامينٽ ۾ ئي آھي، پارليامننٽ ۾ ملڪ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا. خورشيد شاھ چيو ته مونتي لڳايل الزام ڪوڙا آھن ،1975 ۾ ورتل پراپرٽي جو اگهه اڄ جي حساب سان لڳايو ويو آهي. هن چيو ته مهانگائي سبب عوام پريشان آھي. ملڪ جي ادارن کي اپيل ٿو ڪريان ته ملڪ کي بچائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺن، خورشيد شاهه چيو ته عمران خان رياست جي رٽ کي چئلينج ڪري رھيو آھي، ڪوئي به سرڪاري ڪم پرائيويٽ سيڪٽر مان ناھي ٿيندو ، ٽائيگرز فورس مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرائڻ لاءِ قانوني جي خلاف ورزي آهي، ملڪ جا آئين تحت مسئلا حل ڪرڻ گھرون ٿا ، موجوده حڪومت پارليامينٽ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ھاڻي ڪوئي سياستدان ناھي بچو جنھن کي غدار قرار ناھي ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو