عدالت عليمه خان کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

عدالت عليمه خان کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري عدالت عليمه خان کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.صادق آباد ٿاڻي ۾ داخل 26 نومبر ڊي چوڪ احتجاج ڪيس جي سلسلي ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج امجد علي شاهه پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.ياد رهي ته صادق آباد ٿاڻي ۾ احتجاج ڪيس ۾ اڄ عليمه خان تي فرد جرم لاڳو ٿيڻي هئي، پر عليمه خان عدالت ۾ پيش نه ٿي، جنهن تي عدالت حاضري کان معافي جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي عليمه خان کي گرفتار ڪري سڀاڻي اربع 15 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ريمارڪس ڏنا ته طلب ڪرڻ جي باوجود پيش نه ٿيڻ عدالتي معاملن ۾ رنڊڪ وجهڻ هوندو آهي. عدالت ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽ جا آرڊر فوري طور جاچ آفيسر کي فراهم ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو