اسلام آباد(بيورو)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن عدالت عمران خان جي ضمانت رد ڪري ٿي ته پوءِ سندس گرفتاري قانوني گهرج آهي. ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن عدالت عمران خان جي ضمانت ۾ واڌ نه ڪندي يا سندس ضمانت جو حڪم واپس وٺي ته پوءِ عمران خان جي گرفتاري قانوني تقاضا آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن ضمانت رد ٿئي ٿي ته اسلام آباد پوليس جو فرض آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪري کيس جيل ۾ رکي ڪيس جي جاچ ڪري.










