عدالت جو حڪم نظرانداز، هيوي ٽريفڪ جي آمد رفت جاري

عدالت جو حڪم نظرانداز، هيوي ٽريفڪ جي آمد رفت جاري

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود انڊس هاءِ وي تي هيوي ٽريفڪ جو گذر بند نه ٿي سگهيو آهي. مختلف سامان سان ڀريل ٽرڪون انڊس هاءِ وي تي ڪجهه وقت کان بند ٿيڻ کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر هلڻ شروع ٿي ويون آهن جنهن سبب ٻيهر حادثن جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس هيوي ٽريفڪ کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. ان سلسلي ۾ انڊس هاءِ وي تي هيوي ٽريفڪ خلاف پٽيشن داخل ڪندڙ وڪيل سعيد احمد ميرجت ٻڌايو ته عدالت هيوي ٽريفڪ تي ڊبل روڊ تيار ٿيڻ تائين پابندي مڙھي هئي جنهن جي خلاف ورزي ٿئي پئي جنهن خلاف ايندڙ شنوائي تي عدالت کي آگاه ڪندس.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو