توهين عدالت، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم نااهل قرار

توهين عدالت، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم نااهل قرار

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم تنوير الياس کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.آزاد ڪشمير هاءِ ڪورٽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي توهين عدالت ڪيس ۾ سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.عدالت آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي عدالت جي برطرفي تائين سزا ٻڌائي ۽ کيس ڪنهن به سرڪاري عهدي تي رهڻ کان نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.عدالت آزاد ڪشمير جي نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو.آزاد ڪشمير جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم کي توهين عدالت جي الزام ۾ نااهل قرار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو