عبدالخالق بنا مقابلي بلوچستان اسيمبلي جو اسپيڪر منتخب

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو عبدالخالق اچڪزئي بلوچستان اسيمبلي جو بنا مقابلي اسپيڪر چونڊجي ويو.بلوچستان اسيمبلي جي سيڪريٽري طاهر شاهه ڪاڪڙ اعلان ڪيو ته عبدالخالق اچڪزئي بنا مقابلي اسپيڪر چونڊجي ويو آهي.طاهر شاهه ڪاڪڙ چيو ته پيپلز پارٽي جي غزاله به بنا مقابلي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي وئي آهي.هن چيو ته عبدالخالق اچڪزئي ۽ غزالا اڄ 3 وڳي عهدي جو حلف کڻندا.

پهنجو تبصرو موڪليو