اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نيب شاهد خاقان عباسي خلاف غير قانوني ڀرتين جو ريفرنس واپس وٺي ڇڏيو آهي.پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) ۾ غير قانوني ڀرتين بابت شاهد خاقان عباسي خلاف ريفرنس واپس وٺڻ لاءِ نيب اختيارين جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو. ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب ريفرنس واپس وٺڻ جي درخواست تي عدالت ۾ دليل ڏنا.عدالت نيب جي ريفرنس واپس وٺڻ جي درخواست منظور ڪندي نيب چيئرمين کي ريفرنس واپس موڪلڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.نيب موجب شاهد خاقان ۽ ٻين تي اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او جي غير قانوني ڀرتين جو الزام آهي.نيب جو چوڻ آهي ته جوابدارن تي اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.










