عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ اضافو

عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ اضافو

تحران (ويب ڊيسڪ)ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جا اگهه گهٽجي ويا.عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ 1.5 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.برطانوي خام تيل برنٽ آئل جي قيمت 74 ڊالر في بيرل جي سطح تي پهچي وئي.آمريڪي خام تيل WTI 70 ڊالر في بيرل تي وڪرو جاري آهي.ٻئي طرف ايران خطي جي ملڪن کي چيو آهي ته هو اسرائيل تي جارحاڻي انداز ۾ حملي جي تياري ڪري رهيو آهي.آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جنرل جي رپورٽ موجب تهران خطي ۾ سفارتڪارن کي ٻڌايو آهي ته هو اسرائيل خلاف وڌيڪ طاقتور جنگي هٿيار استعمال ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهي. ايران جو هي پيغام هڪ اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا ايران کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو اسرائيل خلاف جوابي ڪارروائي ڪئي ته هو اسرائيل کي جوابي ڪارروائي کان روڪي نه سگهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو