عالمي سطح تي عاليا ڀٽ لاءِ هڪ ٻيو اعزاز

عالمي سطح تي عاليا ڀٽ لاءِ هڪ ٻيو اعزاز

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا عاليا ڀٽ ٽائم 100 امپيٽ ايوارڊ حاصل ڪرڻ بعد هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.برطانوي اخبار ”دي گارڊين“ جي فلم نقادن دنيا جي بهترين ۽ بدترين فلمن جي پرفارمنس جي فهرست جاري ڪئي.دي گارڊين طرفان جاري ڪيل لسٽ موجب عاليا ڀٽ فلم گنگو بي ۾ بهترين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.برطانوي اخبار جي فلم نقادن عاليه ڀٽ جو مقابلو ميڪسيڪو جي اداڪارا لوپيتا نيونگو ۽ ماضي جي مشهور آمريڪي اداڪارا مارلن منرو سان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ”گنگو بائي“ ۾ عاليه جي پرفارمنس 2022 جي بهترين پرفارمنس آهي.گارڊين جي فلم نقاد مائڪ ميڪهل موجب عاليا ڀٽ مضبوط ڪهاڻي نه هجڻ باوجود پنهنجي جاندار اداڪاري ذريعي فلم ’گنگو بائي‘ ۾ جان آڻي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو