طوبيٰ انور معصوم نظر اچي ٿي،اها واقعي ۾ آهي: شائستھ لوڌي

طوبيٰ انور معصوم نظر اچي ٿي،اها واقعي ۾ آهي: شائستھ لوڌي

لاھور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل اداڪارا ۽ ميزبان ڊاڪٽر شائستہ لوڌي ساٿي اداڪارا طوبا انور جي حمايت ۾ اڳيان اچي وئي.تازو ڊاڪٽر شائستہ لوڌي يوٽيوب حفيظ احمد جي پوڊ ڪاسٽ تي مهمان طور نظر آئي ۽ مختلف معاملن تي صاف صاف ڳالهايو.پنهنجي پوڊ ڪاسٽ ۾ هن طوبا انور جو دفاع ڪيو ۽ سندس انٽرويو سبب ٿيندڙ تنقيد تي پنهنجي راءِ ڏني.انٽرويو دوران اداڪارا ۽ ميزبان کان سوال ڪيو ويو ته هن پنهنجي پوڊ ڪاسٽ ۾ ساٿي اداڪارا طوبا انور کي معصوم طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي، جنهن تي صارفين کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو؟ ميزبان جي سوال تي ڊاڪٽر شائستہ لوڌي جواب ڏنو ته مون انهن کي بيگناهه ڏيکارڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي پر اهي بيگناهه آهن، هن چيو ته اسان جي سماج جو اهو مسئلو آهي ته جيڪڏهن ڪو جائز ڪم ڪري ٿو ته ان تي تنقيد ڪن ٿا.هن وڌيڪ چيو ته هڪ ڀيرو ڪنهن جي باري ۾ ڪا راءِ قائم ٿي وڃي ته ان کي تبديل ڪرڻ تمام ڏکيو آهي.ڊاڪٽر شائستہ لوڌي اهو به واضح ڪيو ته مان ماڻهن کي جج ڪرڻ واري ناهيان، آئون انهن سان ملندس جيئن اهي مون سان ملن. هاڻي جيڪڏهن ڊاڪٽر بشرا منهنجي پوڊ ڪاسٽ تي ايندي ته مان کيس به اها ئي عزت ڏيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو