اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جسٽس(ر) سردار طارق مسعود ۽ جسٽس(ر) مظهر عالم ميان خيل سڀاڻي بطور ايڊهاڪ جج سپريم ڪورٽ جي طور تي حلف کڻندا.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻنهي ايڊهاڪ ججز کان حلف وٺندو، حلف برداري جي تقريب سپريم ڪورٽ بلڊنگ جي ججز بلاڪ ڪميٽي روم ۾ ڏينهن جو 11 وڳي ٿيندي ٻنهي ججز کي هڪ سال جي لاءِ بطور ايڊهاڪ جج سپريم ڪورٽ مقرر ڪيو ويو آهي. صدر آصف علي زرداري ايڊهاڪ ججز جي مقرري جي منظوري ڏني هئي.










