ضمني چونڊن کان اڳ ن ليگ کي وڏو ڌڪ

ضمني چونڊن کان اڳ ن ليگ کي وڏو ڌڪ

لاهور)ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي پنجاب اسيمبلي جي ميمبر جليل احمد شرقپوري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.تفصيل موجب مسلم ليگ ن جي پنجاب اسيمبلي جي ميمبر جليل شرقپوري اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، اسيمبلي ميمبر جليل شرقپوري اسپيڪر پنجاب اسيمبلي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن چوڌري پرويز الاهي کي استعيفيٰ جمع ڪرائي. ان موقعي تي ڳالهائيندي جليل شرقپوري چيو ته مان اڳ به تحريڪ انصاف ۾ هو ۽ اڄ به تحريڪ انصاف سان گڏ آهيان، تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان گڏ بيٺو آهيان.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جليل شرقپوري جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي، جنهن بعد سيڪريٽري پنجاب اسيمبلي سيٽ خالي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سيڪريٽري اسيمبلي خالي جاين جي نوٽيفڪيشن جي ڪاپي اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو