مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙن کي مبارڪون

مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙن کي مبارڪون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ضمني مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آھي ته ضمني مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ پيپلز پارٽي جي سمورن اميدوارن کي مبارڪون ڏيان ٿو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي ڪاميابي ان ڳالھ جو ثبوت آھي ته سنڌ جو عوام پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ويزن تي اعتماد ڪري ٿو. ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي ڪاميابي نه رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي آھي پر اھا جمھوريت، ترقي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي جٽادار قدرن جي به فتح آھي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پـُٺتي پيل ماڻھن کي مٿي آڻڻ لاءِ سرگرم آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو