ضمني ريفرنس خارج ڪرڻ بابت ٻڌڻي ملتوي

ضمني ريفرنس خارج ڪرڻ بابت ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ 3 ضمني ريفرنس رد ڪرڻ وارين درخواستن تي ٻڌڻي سندس وڪيل  فاروق ايڇ نائيڪ جي پيش نه ٿيڻ سبب اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري مختصر ٻڌڻي ڪئي، فاروق نائيڪ جي جونيئر وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيندي چيو فاروق نائيڪ ڪراچي ۾ مصروف آهي، ان ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ عدالت ٻڌڻي 17 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو