صوبائي ڪمشنر سان رابطو،آدمشماري تاريخ ۾ واڌ تي اعتراض

صوبائي ڪمشنر سان رابطو،آدمشماري تاريخ ۾ واڌ تي اعتراض

حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي آدمشماري جي صوبائي ڪمشنر رفيق احمد ٻرڙو سان فون تي رابطو ڪري صرف ڪراچي ۾ آدمشماري جي ڏينهن جي واڌ تي سخت اعتراض واريندي چيو ته اڌ سنڌ ٻوڏ جي تباهڪارين ۾ دربدر آهي سنڌ جا مٿي وارا ضلعا ڌاڙيلن سبب نو گو ايريا بڻيل آهن آدم شماري جي فيلڊ عملي کي سهولتون نه هجڻ سبب سنڌ ڏورانهن علائقن ۾ ڳڻپ ناهي ٿي تنهن باوجود صرف ڪراچي لاءِ 15 ڏينهن رکيا ويا باقي سنڌ جي علائقن جي رهيل ڳڻپ نه ڪرڻ بدنيتي آهي جنهن جي خلاف اسان سخت احتجاج ڪنداسين. اهڙن هٿ ٺوڪين ۽ فرمائيشي نتيجن کي قبول نه ڪنداسين. ٻي پاسي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ ٿيندڙ سنڌ سان دوکي کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. آدمشماري شروع ٿيڻ وقت سڄي سراپا احتجاج بڻجي آدمشماري جي طريقيڪار ۽ وقت کي رد ڪندي پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا پر هنن حڪمرانن سنڌ جي آواز کي اڻ ٻڌو ڪري نه فقط آدمشماري جو سلسلو جاري رکيو آهي. تازو ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي صرف ڪراچي ۾ آدمشماري جي ڏينهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي جنهن مان صاف ظاهر آهي ته وفاقي حڪومت پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي شرطن کي شرطن کي مڃي ورتو آهي. ته جئين کيس اعتماد جا ووٽ ملي سگهن. آدمشماري جي چيف ڪمشنر باقائدي فاروق ستار کي خط لکي مبارڪون ڏنيون ته ڪراچي جي 20 لک آبادي وڌائي وئي آهي. ايس ٽي پي سربراه چيو ته هڪ سازش تحت ڊي فيڪٽو آدمشماري تحت آيل ڪراچي جي انگن اکرن کي تبديل ڪري 3 ڪروڙ ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. جنهن لاءِ ايم ڪيو ايم کي پي ڊي ايم ۽ پ پ پ وارن تازي ملاقات ۾ پڪ ڏياري ڇو ته هنن کي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻو هو. پ پ پ سدائين سنڌ دشمني ڪندي رهي آهي انهن کي ڪهڙي به صورت ۾ بلاول کي مستقبل ۾ وزير اعظم بناڻو آهي جنهن جي لاءِ هو ايم ڪيو ايم کي راضي ڪري رهيا آهن. ڪراچي جي هٺ ٺوڪي انگن اکرن سان آدم ڳڻپ وڌائي انتخابي حلقه وڌايا ويندا جنهن سان سڀاڻي سنڌ جو حق حاڪميت نه صرف ڌارين جي حوالي ٿي ويندو پر سنڌ جي ڊيموگرافي مڪمل تبديل ٿي ويندي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي هن وقت آدمشماري 5 ڪروڙ 40 لک ڏيکارين پيا پر جيڪڏهن درست آدمشماري ٿئي ته سنڌ جي آدمشماري ست ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ٿيندي. هن چيو ته هن آدمشماري کي اسان سنڌ جي خلاف سازش سمجهون ٿا انهي ڪري جيستائين سنڌ جي سمورا خدشا ختم نه ڪيا ويندا ۽ درست رخ ۾ آدمشماري نه ڪئي ويندي تيستائين ان جا نتيجا قبول نه ڪيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو