صنعان سان ڌامراهه جي ملاقات بعد  سندس گهر تي فائرنگ

صنعان سان ڌامراهه جي ملاقات بعد سندس گهر تي فائرنگ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد صوبائي انفارميشن سيڪريٽري عاجز ڌامراهه جي اڳواڻي ۾ پيپلزپارٽي طرفان 17 مارچ تي رٿيل آدمشماري متعلق آل پارٽيز ڪانفرنس جي دعوت ڏيڻ لاءِ جسقم هائوس پھچي چيئرمين صنعان خان قريشي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني. وفد ۾ سينيٽر گيانچند،ساگر سميجو، شڪيل ميمڻ، سمير ميگھواڙ، ملير جو صدر سلمان عبدالله مراد، مير عباس ٽالپر، نذير ڀٽو ۽ ٻيا شامل ھئا جسقم چيئرمين پيپلزپارٽي جي وفد جي دعوت قبول ڪندي شرڪت جو اعلان ڪيو ان موقعي تي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر سنڌ جي مفاد لاءِ جيڪو به سڏ ڏيندو ضرور وينداسين، منهنجو پي ۽ چاچو پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ شهيد ڪيا ويا پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراھ چيو ته سنڌ جي تحفظ ۽ بقا لاءِ ڊجيٽل آدمشماري جي طريقي ڪار تي اعتراض آهن، شهيد بينظير ڀٽو کان وٺي اڄ جي قيادت تائين جدوجهد ۾ قومپرستن سان رابطي ۾ آهيون تحريڪ انصاف کانسواءِ سمورن سياسي پارٽين کي دعوت ڏني آهي سمورن پارٽين جا خدشا ٻڌنداسين. ٻئي پاسي گذريل رات دير سان گلشن حديد ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گھر تي ان وقت فائرنگ ڪئي وئي جڏهن صنعان خان قريشي گھر ٻاھران ڪارڪنن سان ملاقات ڪري رهيو هو اطلاع تي ڪارڪنن جو وڏو تعداد پھچي ويو جنھن بعد ھٿيار بند ھليا ويا. ان سلسلي ۾ هنگامي بنيادن تي صنعان قريشي صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته گذريل رات هڪ وڳي ڌاري سادن ڪپڙن توڙي وردي پهريل پوليس اهلڪارن گلشن حديد ۾ منهنجي گهر تي فائرنگ ڪئي پر اڃا ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته اسان سنڌ ڌرتي ۽ ان جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون جيڪا رياست کي پسند ناهي مسلسل گلشن حديد ۾ بابا شهيد جي دور کان وٺي حملا ڪيا پيا وڃن. اسان پنهنجا سر سنڌ کي ارپي چڪا آهيون موت جو ڪو ڊپ ناهي وطن ڪاڻ هر خطري کي منهن ڏينداسين. هن مطالبو ڪيو ته فوري طور منهنجي گهر تي ٿيل حملي ۽ فائرنگ ۾ ملوث ماڻهن کي پڌرو ڪري گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ ۽ پنهنجي تحفظ لاءِ جدوجهد جو حق محفوظ رکون ٿا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو