صديون پڄاڻان ۽ ڏونگر هڪ ڏاڪڙو ڪتابن جو مهورت

صديون پڄاڻان ۽ ڏونگر هڪ ڏاڪڙو ڪتابن جو مهورت

ميھڙ (ن س)سنڌ جي ناليواري ڪھاڻيڪار، ناول نگار آزاد زنگيجو جي ڪھاڻين جي ڪتاب “صديون پڄاڻان” ۽ نامياري شاعر بشير ڀنڊ جي شعري مجموعي “ڏونگر ھڪ ڏاڪڙو” جو مھورت ميھڙ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران سگا ھائوس ۾ ٿيو، جنھن ۾ اديبن، شاعرن، سڄاڻ ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي نامياري اديب، دانشور تاج جويو چيو ته ميھڙ تعلقي جي شاعر بشير ڀنڊ جي شاعري جي ڪتاب ڏونگر ھڪ ڏاڪڙو ۽ ڪھاڻيڪار آزاد زنگيجو جي ڪتاب صديون پڄاڻان جو مھورتي پروگرام ڪرائي نوجوان تخليقڪارن جي حوصلا افزائي ڪئي وئي آهي، اسان ليکڪ ۽ تخليقڪار سنڌ ڌرتي جي عظمت ۽ مسئلن جا ترجمان آھيون.

Photo Sindhyar

اڄ پنجاب وفاق جي حڪمراني ۽ طاقت جي ٻل تي سنڌ جي جياپي جي علامت سنڌو درياء مان 6 ڪئنال ڪڍي پنجاب جون غير آباد زمينون آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سنڌ جي آباد زمينن کي غير آباد ڪري رھيو آھي ٻئي طرف ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبي ھيٺ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون طاقتور قوتن ۽ ٻاھرين قوتن جي قبضي ۾ آڻي سنڌين جي وات مان گرھ کسڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، اڄ سڄي سنڌ بنا پارٽي فرق جي انھن ٻنھي سازشن خلاف احتجاج جو طوفان بنجي چڪي آهي، سنڌو سڪائڻ خلاف تحريڪ کي جاري رکڻ سان گڏ اسان کي منظم ۽ متحد ٿي سنڌ جي زمينن کي بچائڻ لاء به جدوجھد کي تيز ڪرڻ گهرجي. نامياري اديب، شاعر جوھر بروھي چيو ته آزاد زنگيجو زبردست واقعاتي ڪھاڻيون لکيون آھن، بشير ڀنڊ وسيع مطالعي وارو شاعر آھي،ڪئنال اسان جي ساھ تي لت آهن، بروھي به سنڌي قوم جو حصو آھن، ڌرتي جي بقا جي جنگ ۾ اسان صف اول ۾ ھونداسين، نامياري اديب، محقق پروفيسر ڊاڪٽر آزاد قاضي چيو ته بشير ڀنڊ ۽ آزاد زنگيجو ڌرتيء سان پيار ڪندڙ تخليقڪار آھن، سيد زين شاھ ڪئنالن جي مسئلي تي ڀرپور آواز اٿاريو آھي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري آزاد انور ڪانڌڙو چيو ته بشير ڀنڊ ۽ آزاد زنگيجو سنڌ دوست پورھيت اديب، شاعر آھن، سندن تخليق جون پاڙون ڌرتي ۾ کتل آھن، تقريب ۾ ڪتابن جي تخليقڪارن ڪھاڻيڪار آزاد زنگيجو ۽ نامياري شاعر بشير ڀنڊ چيو ته سنڌي ادبي سنگت ميھڙ تخليقڪارن کي ھميشه مان ڏنو آھي، اسان ڌرتيء سان پيار ڪندڙ آھيون، تقريب کي سرمد بروھي، سليم مگسي، معصوم بخاري، عاجز سرگاڻي، ڊاڪٽر غياث الدين ابڙو، ذوالفقار گاڏھي ، غلام مصطفي جتوئي، عابد ڪنڀر ۽ ٻين مقالا پڙھيا.

پهنجو تبصرو موڪليو