صدر پاران بجيٽ تجويزون آرڊيننس جي صورت ۾ لاڳو ڪرڻ تي اعتراض

صدر پاران بجيٽ تجويزون آرڊيننس جي صورت ۾ لاڳو ڪرڻ تي اعتراض

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي بجيٽ تجويزون آرڊيننس جي صورت ۾ لاڳو ڪرڻ تي اعتراض واري ڇڏيا.ذريعن موجب حڪومت اڄ ئي آرڊيننس جاري ڪري مني بجيٽ لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي ۽ قانون واري وزارت آرڊيننس جو جائزو وٺي رهي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر جي اعتراضن کانپوءِ حڪومتي ٽيم غور ويچار ۾ مصروف آهي.ذريعن موجب صدر چاهي ٿو ته بجيٽ تجويزون آرڊيننس بدران بل جي صورت ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ٿين، جڏهن ته حڪومتي موقف آهي ته پارليامينٽ مان بل جي منظوري ۾ وڌيڪ وقت لڳي ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت صدر سان ٻيهر رابطو ڪري سگهي ٿي ۽ کيس درخواست ڪئي ويندي ته ڪابينا مان منظوري کانپوءِ فوري طور آرڊيننس جاري ڪيو وڃي.ذريعن موجب پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران حڪومت آرڊيننس جاري نٿي ڪري سگهي، حڪومت گڏيل اجلاس کي ختم ڪري ٿي ته اجلاس گهرائڻ لاءِ ٻيهر صدر سان رابطو ڪرڻو پوندو ۽ حڪومت کي خدشو آهي ته گڏيل اجلاس ختم ڪيو ويندو ته صدر ٻيهر اجلاس نه گهرائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو