صدر ٻن ايڊهاڪ ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

صدر ٻن ايڊهاڪ ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ٻن ايڊهاڪ ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان موجب صدر جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس مظهر عالم خان ميان خيل کي هڪ سال لاءِ سپريم ڪورٽ جو ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس مظهر عالم سپريم ڪورٽ جا اڳوڻا جج آهن.صدر آئين جي آرٽيڪل 182 تحت ايڊهاڪ ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو