اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صدر آصف علي زرداري دبئي پهچڻ بعد جهاز مان لهندي ڪري پيو، سندس پير جي هڏي ٽاٽجي پئي آهي. صدر کي فوري طور ت ايمرجنسي ۾ اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽر سندس علاج بعد پير تي پلستر هنيو ۽ کيس 4 هفتن جي آرام جو مشورو ڏنو آهي. ياد رهي ته 69 سالن جي آصف علي زرداري سان صحت جا ڪافي مسئلا رهيا آهن. 2023 ۾ سندس اک جي دبئي ۾ آپريشن ٿي هئي ۽ 2022 ۾ هو ڊاڪٽر ضياءَ الدين اسپتال ۾ چيسٽ انفيڪشن سبب به داخل رهيو هو.










