اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ملڪ جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي حج جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي عرب روانو ٿي ويو.صدر جي غير موجودگي ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي وقتي صدر جون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.ڪابينا ڊويزن چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي کي قائم مقام صدر جو عهدو سنڀالڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.










