صدر جوگورنر پنجاب کي هٽائڻ کان انڪار

صدر جوگورنر پنجاب کي هٽائڻ کان انڪار

اسلام آباد(بيورو)صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي خط جي جواب ۾ پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما کي هٽائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وزيراعظم جي لکت واري جواب ۾ صدر چيو ته وزيراعظم شهباز شريف گورنر پنجاب جي مقرري بابت پنهنجي تجويز تي نظرثاني ڪري، آرٽيڪل 101 (2) تحت گورنر صدر جي منظوري تائين عهدي تي رهندو.صدر پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ لکيو ته گورنر جي خط ۽ رپورٽ موجب وڏي وزير جي چونڊ ۾ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جون وفاداريون تبديل ٿيون.صدر عارف علوي به وزيراعظم کي پنهنجي جواب ۾ لکيو ته پنجاب ۾ غيرقانوني اڪثريت حاصل ڪري آرٽيڪل 63 اي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، غير قانوني قدمن پنجاب ۾ گورننس جا سنگين مسئلا پيدا ڪيا.صدر وڌيڪ لکيو ته صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي گورنر جي اصولي موقف جي تصديق ڪئي جڏهن ته 20 مئي تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي به پنجاب جي گورنر جو موقف مضبوط ڪيو.صدر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف کي لکيل جوابي خط ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن وفادارين جي تبديلي کي ووٽرن کي ٺڳي جي بدترين شڪل ۽ پارٽي پاليسي قرار ڏنو آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب 25 منحرف ايم پي ايز هاڻي پنجاب جا ميمبر نه رهيا

پهنجو تبصرو موڪليو