صحافين تي دهشتگردي جا داخل ڪيس ختم ڪبا، آءِ جي سنڌ

صحافين تي دهشتگردي جا داخل ڪيس ختم ڪبا، آءِ جي سنڌ

دادو(ادل مهيسر) هن ملڪ ۾ سنڌ پوليس جو اهم ڪردار آهي، پوليس پاڪستان ۾ ٻيو نمبر وڏو ادارو آهي، ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن شهرن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ سٺي ساک رکندڙ پوليس آفيسرن خاص طور تي ايس ايس پيز جي مقرري سان امن امان بهتر ٿيو آهي، سنڌ جو وڏو وزير سٺو ايڊمنسٽريٽر آهي ان سان ڪي به اختلاف ناهن، اهڙو اظهار آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام دادو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ پوليس جي ويلفيئر لاءِ اپاءُ وٺي رهيا آهيون، سنڌ پوليس جي اپگريڊيشن سان 5 اسڪيل وارو 7 اسڪيل ۾ ۽ نائين اسڪيل وارو 11 اسڪيل ۾ اپگريڊ ٿيندو ۽ سهولتون به بهتر ڪنداسين. پي ايس 86 جوهي جي ضمني چونڊ ۾ پوليس جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن جنهن ڪري اليڪشن پرامن ماحول ۾ ٿي، ايڊيشنل آءِ جي ولي الله دل، ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم احمد شيخ ۽ ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ جون ڪوششون پرامن اليڪشن  ڪرائڻ ۾ قابل ذڪر آهن. سنڌ ۾ دهشتگردي جو خاتمو آندو ويو آهي، اغوا براءِ تاوان جون وارداتون  بنهه گهٽجي ويون آهن، وفاقي سرڪار جي اسان جي انتظامن ۾ ڪا به مداخلت ناهي ٿاڻو ڪلچر کي بهتر ڪرڻ لاءِ ايس ايس پيز کي بااختيار بڻايو ويو آهي، دادو ۾ اچي خوشي محسوس ڪئي آهي. ان کان اڳ آءِ جي سنڌ دادو جي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي اڳواڻن ۽ شهرين سان ملاقات ڪري ضلعي جي امن امان بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. هن چيو ته واپارين کي تحفظ ڏنو ويندو اڳ ۾ ڀتاخوري جون شڪايتون ملنديون هيون جيڪي مڪمل ختم ٿي ويون آهن، بعد ۾ هن پنهنجي پوليس عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ سڄي ضلعي جي ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز موجود هئا. آءِ جي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ گذريل سال 355 ٿاڻن جو مرمتي ڪم ڪرايو ويو هو ۽ هن سال هڪ سئو 11 ٿاڻن جي مرمت ڪرائي پئي وڃي، صحافين خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيس ختم ڪيا ويندا، ميهڙ ۾ صحافي پاويل جوڻيجو تي حملو ڪندڙ پوليس اهلڪار خلاف قانوني ڪاروائي ٿيندي سيوهڻ ۾ دادو جي صحافي ڪامران ڪورائي تي داخل ٿيل ايف آءِ آر جي جاچ ڪرائي ان کي انصاف ڏياريو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو