صحافين خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ تي شهيد ڀٽو جواحتجاج

پنوعاقل (سنتوش ڪمار) پ پ شھید ڀٽو طرفان تعلقہ صدر اسحاق جسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ پنوعاقل جي صحافين حضرت گل پٺاڻ (روزاني سنڌيار)، رستم انڊهڙ، عاشق جتوئي ،الطاف حسين ڪلوڙ، ارشاد رستم انڊهڙ ۽ شير سميجو مٿان ڪوڙي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف پنو عاقل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته پنوعاقل  پوليس حق سچ لکندڙن صحافين مٿان مقامي وڏيري جي وانگار وهندي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي اسان آء جي سنڌ ۽ انساني حقوق جي تنظيمن کي اپيل ٿا ڪريون ته پنوعاقل پوليس جي ان ڪڌي عمل جو نوٽيس وٺي صحافين مٿان ڪوڙو ڪيس ختم ڪري واقعي ۾ ملوث پوليس آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ صحافين مٿان تشدد ڪندڙ ڏوهارين مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو