صارفين جي دلچسپي لاءِ اسپاٽيفاءِ ايپ ۾ نئين فيچر جو اضافو

صارفين جي دلچسپي لاءِ اسپاٽيفاءِ ايپ ۾ نئين فيچر جو اضافو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)مقبول ميوزڪ اسٽريمنگ سروس اسپاٽيفاءِ (Spotify) نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي. ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ موجب، اسپاٽيفاءِ اعلان ڪيو آهي ته هاڻي اينڊرائيڊ استعمال ڪندڙ پنهنجي پسند جا گانا، البم، پلي لسٽ يا پوڊ ڪاسٽ سڌو واٽس ايپ اسٽيٽس تي شيئر ڪري سگهندا. هاڻي جڏهن به ڪو صارف اسپاٽيفاءِ تي ڪو به ٽريڪ، البم يا پلي لسٽ هلائيندو، ته شيئر آپشن مان واٽس ايپ چونڊي ان کي پنهنجي اسٽيٽس تي پوسٽ ڪري سگهندو. اسٽيٽس ۾ شيئر ٿيل مواد خوبصورت ڪارڊ جي صورت ۾ نظر ايندو، جنهن ۾ گاني جو ڪور آرٽ، عنوان ۽ آرٽسٽ جو نالو شامل هوندو. ان سان گڏ، اسٽيٽس ڏسندڙن لاءِ ننڍڙي آڊيو جو اڳواٽ جائزو (پري ويو) به دستياب هوندو، ۽ هڪ بٽڻ “Open in Spotify” جي نالي سان هوندو، جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ سان سڌو اسپاٽيفاءِ ايپ ۾ وڃي سگهجي ٿو. هي فيچر استعمال ڪرڻ لاءِ صارفين کي اسپاٽيفاءِ ايپ کولڻي پوندي، پوءِ اهو گانو، البم يا پلي لسٽ چونڊڻي پوندي جيڪا هو شيئر ڪرڻ چاهين ٿا. ان کان پوءِ شيئر جو آئڪن دٻائي، واٽس ايپ چونڊيو ۽ ان کي اسٽيٽس تي پوسٽ ڪيو جنهن کان پوءِ چونڊيل اسپاٽيفاءِ مواد واٽس ايپ اسٽيٽس تي ظاهر ٿي ويندو. في الحال هي فيچر صرف اينڊرائيڊ صارفين لاءِ دستياب آهي، پر امڪان آهي ته جلد ئي اهو آءِ او ايس (iOS) استعمال ڪندڙن لاءِ به جاري ڪيو ويندو. جيڪڏهن صارفين کي هي آپشن اينڊرائيڊ تي نظر نه اچي، ته انهن کي پهريان گوگل پلي اسٽور تان اسپاٽيفاءِ ايپ کي اپڊيٽ ڪرڻو پوندو، جنهن بعد هي نئون آپشن نظر ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو