صادق ميمڻ پاران معذورن ۾ وهيل چيئر ورهايون ويون

صادق ميمڻ پاران معذورن ۾ وهيل چيئر ورهايون ويون

ٺٽو(رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) اسپيشل ايجوڪيشن ۽ ريھيبليٽشنن سينٽر  مڪلي ۾ وزير اعليٰ سنڌ جي معذورن جي بحالي واري کاتي جو خاص معاون صادق علي ميمڻ ويل چيئر جي ورھائڻ واري افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، معذور اسان جي سماج جو اھم حصو آھين انھن جا سمورا حق ۽ سھولتون ڏيڻ بہ اسان جي زميواري آھي، تنھن جئين ھو متحرڪ ٿي سماج ۾ پنھنجو حصو ادا ڪري سگھن، صادق ميمڻ سنڌ حڪومت پاران معزور ماڻھن لا۽ مختلف پروگرام شروع ڪيا آھين جنھن سان سندن اندر لڪيل صلاحتن مان ملڪ کي وڏو لاڀ ملندو، معزورن کي ھڪ ڪنڍ ۾ ويھارڻ بجا۽ کين سرگرم ڪرڻ سان اسان وڌيڪ لاڀ حاصل ڪري سگھون ٿا. پي پي چيئرمين  بلاول ڀٽو پاران خاص ھدايتون آھن تہ اھڙن فردن کي متحرڪ ڪرڻ لا۽ وزير ۽ ادارہ پنھنجو ڪم ايمانداري سان ڪن، صادق علي ميمڻ، اسڪولن ۾ پڙھندڙ ٻارڙا اسان جي نظرن جو مرڪز آھن،  کين تعليم سان گڏ مختلف ھنر پڻ ڏيئي رھيا آھيون،  جنھن سان ھو پنھنجي زندگي محتاجي بدران شاندار ترقي سان گذاري سگھندا ھنر مند انسان ڪڏھن بہ ڪنھن اڳيان ھٿ ناھي جھليندو،  تنھنڪري مختلف سينٽرن ۾ کين ھنر سيکاريو پيو وڃي، صادق ميمڻ جو مڪلي ۾ ويل ڇئير ڏيڻ واري تقريب کي خطاب، تقريب ۾ اسپيشل اسڪول جي پرنسپال نديم ابراھيم، سماجي اڳواڻ حمير علي، پير رضواني شاھ جيلاني، حميد سومرو، انجنئير اوڀايو خشڪ، آفتاب ميمڻ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو