شڪارپور (ڊر) چڪ لڳ ڳوٺ غلام نبي ڪلهوڙو ۾ غلام اصغر ڪلهوڙو ۽ احسان ڪهراڻي جتوئي جي ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار دوران ڇتي ويڙهه ۽ فائرنگ ٿي پئي. فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب حملي آور معراج پٽ بگو جتوئي مارجي ويو آهي. ذريعن موجب، مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف، پوليس موجب مقتول جو لاش واقعي واري علائقي مان تحويل ۾ وٺڻ ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي. ياد رهي ته غلام اصغر ڪلهوڙو ۽ احسان ڪهراڻي جتوئي وچ ۾ ڀٽي جي معاملي تان اڳ ئي ڇڪتاڻ هلندڙ هئي، جنهن دوران ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ معراج جتوئي مارجي ويو. واقعي بعد علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس پکڙيل آهي.










