اسلام آباد(بيورو رپورٽ)شيل پيٽروليم ڪمپني پاڪستان ۾ ڪمپني جا سمورا شيئر وڪڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي خابرو اداري موجب شيل جو چوڻ آهي ته اها شيل پاڪستان جا 77.42 سيڪڙو شيئر وڪرو ڪندي ۽ ڪمپني جو انتظام ۽ ڪنٽرول خريدار جي حوالي ڪندي. پرڏيهي خابرو اداري موجب شيل پيٽروليم ڪمپني کي 2022ع ۾ ڊالر جي قيمت ۾ واڌ ۽ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب وڏي مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو.ان کان علاوه برطانوي ڪمپني کي به واجبات جي وصولي ۾ مشڪلاتون پيش آيون جنهن سبب ڪمپني اهو فيصلو ڪيو آهي.شيل جي ترجمان موجب شيئرز جي وڪري ۾ گروپ جا ٻيا ڪاروبار به شامل آهن، جنهن ۾ پاڪ عرب پائيپ لائين ڪمپني لميٽيڊ (PAPCO) ۾ 26 سيڪڙو مالڪي جي دلچسپي به شامل آهي.شيل پيٽروليم ڪمپني پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپني پاڪستان ۾ پنهنجا سمورا شيئر وڪرو ڪري رهي آهي، جنهن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اجلاس ۾ منظوري ڏني وئي آهي، ان وڪري سان پاڪستان ۾ شيل جي هلندڙ ڪمن تي ڪو به اثر نه پوندو ۽ اهو جاري رهندو.










