پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شيخ وقاص اڪرم جي 14 نومبر تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.جسٽس اعجاز انور سميت 2 رڪني بينچ شيخ وقاص اڪرم جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ڄاڻايل ڪيسن ۾ شيخ وقاص اڪرم کي گرفتار نه ڪرڻ ۽ لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ميمبر قومي اسيمبلي وقاص اڪرم خلاف ڪيترائي ڪيس داخل آهن، درخواستگذار هڪ مهيني کان پشاور ۾ آهي، سندس گرفتاري جو خدشو آهي.ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز انور درخواستگذار شيخ وقاص اڪرم کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪڏهن کان پشاور ۾ آهيو؟ ضمانت لاءِ اسلام آباد ڇو نه ٿو وڃي؟










