شيخ رشيد ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران عمران خان کي قتل ڪرڻ جي سازش بابت ڪيس ۾ گرفتار عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کي اڄ 2 فيبروري تي اسلام آباد جي ايف 8 عدالت ۾ پهچايو ويو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ شيخ رشيد کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ جوڊيشل ميجسٽريٽ عمر شبير ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت جي ڪمري ۾ موجود جاچ آفيسر طرفان عدالت ۾ ڪيس جو رڪارڊ جمع ڪرايو ويو جڏهن ته پوليس شيخ رشيد جي 8 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي. عدالت جي ڪمري ۾ پهچڻ تي شيخ رشيد عدالت کان استدعا ڪئي ته منهنجي هٿن ۾ لڳل هٿڪڙيون کوليون وڃن مان پاڻ وڪيل آهيان، شيخ رشيد جي شڪايت تي جج پوليس کي هٿڪڙيون کولڻ جي هدايت ڪئي. عدالت ۾ پوليس طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته شيخ رشيد کي جهڙي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ان جي باري ۾ وڌيڪ چوڻ سان جاچ متاثر ٿيندي. عدالتن جي اندر ۽ ٻاهران نظم وضبط جي قانون موجب مظاهرو ڪيو وڃي. اسلام آباد پوليس منفي پروپيگنڊا جي مذمت ڪري ٿي. شيخ رشيد يا ڪنهن ٻئي ملازم سان ڪنهن قسم جو ناروا سلوڪ ناهي ڪيو ويو. پوليس اهو به چيو ته شيخ رشيد پوليس آفيسرن سان بدسلوڪي ڪئي ۽ نازيبا زبان استعمال ڪئي، پوليس طرفان نه شيشا ٽوڙيا ويا نه ئي ڪا ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي. ڇاپي وقت شيخ رشيد جي گهر ۾ ڪوبه ٻار موجود نه هو. عدالت جي ڪمري ۾ موجود شيخ رشيد جي وڪيل عبدالرزاق چيو ته ڪيس ۾ گروپن ۾ اشتعال پکيڙڻ جا قلم لڳل آهن. پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ جو نالو ئي ناهي ورتو ويو. شيخ رشيد نسل ۽ مذهب جو به نالو ناهي ورتو. وڪيل اهو به چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي جو نه صرف آصف زرداري جو نالو ورتو، سياسي پارٽيون روز هڪ ٻئي تي تنقيد ڪنديون آهن. اهڙا ڪيس داخل ٿيندا رهيا ته ڪوبه سياستدان ڳالهائي نه سگهندو.ٻڌڻي دوران شيخ رشيد جي ٻئي وڪيل انتظار پنجوتها به دليل مڪمل ڪيا ته شيخ رشيد عدالت کان استدعا ڪندي چيو ته جج صاحب ڳالهائڻ جي اجازت چاهيان ٿو، جنهن کان پوءِ شيخ رشيد روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته مان تمام گهڻو سمجهدار آهيان ننڍي ڳالهه ڪندس، درخواست ايس ايڇ او کي ڏيڻ گهرجي ها جڏهن مان وزير هئس ته ايس ايس پي سان ذاتي مسئلو هو. شيخ رشيد اهو به چيو ته مون کي پوليس جي سامهون پيش ٿيڻ جو چيو ويو، مون وڪيل کي اماڻيو، پوليس مون کي گرفتارڪرڻ چاهيو ٿي ان لاءِ مون کي گرفتار ڪيو ويو.عدالت جي آڏو پنهنجي بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته مون 70 لک روپيه انڪم ٽيڪس ڏنو، ڪوبه ايترو ٽيڪس ناهي ڏيندو. جڏهن کان مون کي گرفتار ڪيو ويو آهي تڏهن کان مون کان ڪنهن به شيءَ جي باري ۾ ناهي پڇيو ويو. منهنجي مٿان صرف تشدد ناهي ڪيو ويو. مان گذريل رات هڪ چادر ۾ ستو آهيان. شيخ رشيد چيو ته مون کان موبائل فون به واپس ورتا ويا، مون کان پڇيو پيو وڃي ته عمران خان اوهان سان ڪهڙي انفارميشن شيئر ڪئي آهي. جنهن تي مون کين چيو ته عمران خان وٽ آصف زرداري خلاف ثبوت آهن. عمران خان چيو آهي ته ثبوت آهن ته آصف زرداري مون کي مارڻ چاهي ٿو. عمران خان جيڪو چيو ان کي صحيح سمجهان ٿو. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته ميڊيا تي بيان ڏيڻ منهنجي هڪڙي قسم جي نوڪري به آهي. مون ڪجهه وقت اڳ ئي سوشل ميڊيا شروع ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو