ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صحت بابت وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته شيخ رشيد جو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ساڙ ٺهي ٿو. جاري ڪيل بيان ۾ عبدالقادر پٽيل چيو ته بلاول ڀٽو زرداري خلاف بيان بازي ڪري شيخ رشيد ميڊيا ۾ جيئرو رهڻ چاهي ٿو.هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري انتهائي مختصر وقت ۾ دنيا جو پاڪستان تي اعتماد بحال ڪيو آهي، پ پ چيئرمين جو عالمي وقار ڏسي شيخ رشيد جو ساڙ ٺهي ٿو.










