شهيد ڀٽو جي 40 هين ورسي، بلاول ۽ غنويٰ ڀٽو جون الڳ الڳ تقريبون

نئون ديرو (ن س) پيپلز پارٽيءِ جي باني ۽ پهرين عوامي پاپولر ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 40 ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي. وڏي انگ ۾ جيالا ڳڙهي خدابخش پهچي ويا آهن ۽ سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن. ورسيءَ ۾ شرڪت لاءِ پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن مان وڏي انگ ۾ جيالا قافلن جي صورت ۾ ڳڙهي خدا بخش پهچي رهيا آهن. 700 ٽريفڪ پوليس اهلڪارن ۽ 700 اسپيشل پوليس فورس جي اهلڪان کي پڻ ڊيوٽين تي مقر ڪيو ويو آهي. گاڏين جي پارڪنگ لاءِ 6 مختلف زون تيار ڪيا ويا آهن. بلاول ڀٽو زرداري، آصف زرداري، بختاور ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري سميت ٻيا مرڪزي اڳواڻ نئون ديرو هائوس تي پهچي چڪا آهن ۽ سندن مزار تائين پهچڻ لاءِ خاص رستو ٺاهيو ويو آهي. ڳڙهي خدا بخش توڙي نئون ديرو ۾ داخل ٿيندڙ سمورن رستن تي پوليس کي مقرر ڪيو ويو آهي رينجرز جي اهلڪارن کي به اسٽينڊ باءِ رکيو ويو آهي. مزارن تي ويندڙن کي 58 واڪ ٿرو گيٽس مان تلاشي ڪرڻ بعد گذاريو پيو وڃي. جڏهن ته 80 کان مٿي ڪلوز سرڪٽ ڪيمرائون پڻ لڳايون ويون آهن. هوڏانهن پ پ شهيد ڀٽو طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تقريب اڄ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ منعقد ڪئي ويندي، جنهن کي پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو سميت ٻيا مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا. سنڌ حڪومت اڳ ۾ ئي اڄ صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي. اڄوڪو جلسو پيپلزپارٽي پاران “پاور شو” جو مظاهرو آهي. جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ بلاول ڀٽو ڪراچي کان ٽرين مارڄ پڻ ڪيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو