شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 24 هين ورسي ملهائي وئي

نوشھروفيروز(رپورٽ اسد علي عمراڻي )شھيد مير مرتضي ڀٽو جي 24  ورسي نوشھروفيروز ۾ سادگي سان ملھائي وئي , ھونئن ته ھر سال ھن ليڊر جي ورسي ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ ملھائي ويندي آھي پر پارٽي چيئرمين محترمه غنوا ڀٽو جي امڙ جي وفات سبب مرڪز پاران شھيد مير مرتضي ڀٽو جي ورسي ھر ضلع ھيڊ ڪواٽر ۾ ملھائڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو هو. پ پ شھيد ڀٽو پاران به مير مرتضي ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان پروگرام رٿيو ويو , شھيد مير مرتضي ڀٽو جي ورسي پروگرام ۾ سابقه ڊويزنل صدر رحيم بخش کوسو , ضلع نوشھروفيروز صدر نظير احمد سولنگي,جنرل سيڪريٽري محمد صالح چانڊيو,ھاري ڪاميٽي جي صدر اله بخش جوڻيجو, سپاف شھيد ڀٽو تعلقه نوشھروفيروز جو صدر خالد حسين چانڊيو, تعلقه مورو جو صدر غلام  رسول عالماڻي,بشارت کوسو, رئيس سولنگي, مشتاق جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي,اڳواڻن ورسي پروگرام کي خطاب ڪندي چيو ته فخر ايشيا ,سالار انقلاب کي اڄوڪي ڏينھن تي سرعام گوليون ھڻي شھيد ڪيو ويو جنھن جا قاتل اڄ تائين وائکا ھوندي گرفتار ناھن ٿيا اسان عزم ٿا ڪيون ته مير جي قاتلن جي گرفتاري تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو