ليکڪ حميد ڀٽو
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي عالمي شخصيت کي اڄ کان43 سال اڳ 4 اپريل 1979ع تي شهيد ڪيو ويو جيڪو 43 سال گذرڻ باوجود به عوام جي دلين ۾ زنده آهي ۽ ڏينهن قيامت تائين سندس نالو زندهه رهندو ۽ جيئي ڀٽو جو نعرو ننڍن توڙي وڏن جي زبان تي گونجندو رهندو، جنهن لاءِ اسلامي قدرن ۾ واضع ڄاڻايل آهي ته ”شهيدن کي مئل نه چئو، شهيد زنده هوندا آهن“ شهيد ذوالفقار علي ڀٽوکي بيگناهه سازشي ٽولن عالمي سازشن تحت مختلف الزام مڙهيندي کيس نه رڳو گرفتار ڪرايو پر پاڻ کي مرد مومن قرار ڏيندڙ وقت جي يزيدي ٽولي سان لاڳاپيل ڊڪٽيٽر ان عوام دوست شخصيت کي ڦاسي جي ڦندي تي پهچائي اهو باور ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ته هاڻي آمريت کي ڀٽو ازم کان نجات حاصل ٿيندي…..پر اهڙي ڪوشش آمر جنرل ضياءُ الحق کي مسلسل يارنهن سالن جي اقتدار تائين کيس ڏنگيندي رهي ۽ يارنهن سالن بعد قدرت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت ۾ رنڱيل هٿن، دماغ، جسم توڙي مادي واري صورت کي منطقي انجام تائين پهچائيندي جنرل ضياءَ الحق ۽ سندس ٽيم کي زميني مفاصلي کان تمام گهڻو مٿي هوا ۾ ئي انهن کي دردناڪ موت ڏئي سندس جسم کي راک ۽ هڏن جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ قدرت واري اهو واضع ڪري ڇڏيو ته عوام دوست شخصيتن جي شهادت تي روڄ راڙو ڪندڙآهون ست آسمان پار ڪري فطرت جي خالق الله تعاليٰ جه جي جڏهن بارگاهه ۾ پهچي ٿي ته ان جو ازالو ٿيڻ جي آثار ظاهر ٿين ٿا. اهڙي طرح سان شهيد ذو الفقار علي ڀٽو جي خاندان کي ختم ڪرڻ وارين آمريت پسند خواهشن جو انت شهيد ڀٽو جي خاندان سان لاڳاپيل چئن شهيدن سميت ڏکن ۽ سورن جو درمان کڻي فوت ٿيندڙ بيگم نصرت ڀٽو جي فوتگي بعد به آمريت کي ڀٽو ازم جهڙي پڙاڏو بڻجي گونجندڙ آواز کان 41 سالن بعد به ” جيئي ڀٽو“ جي عوام جي آواز کي دٻائي نه سگهيا آهن ويتر لاڳيتو 41 سالن دوران دنيا جي ڏتڙيل عوام لاءِ هڪ خوشبو بڻيل آهي ۽ خلق خدا سندس ڳيچ ڳائي آمريت جي ڪنن جا پردا ڦاڙي رهيا آهن. عوام کي شعور ۽ اعتماد ڏيڻ واري عظيم شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو جي سحر انگيز شخصيت کان دنيا جو غريب ۽ ڏتڙيل عوام متاثر ٿي رهيو آهي، خوش گفتار، خوش پوش، سهڻي سوچ رکندڙ، ايشا جو چمڪندڙ ستارو، انقلابي، فلسفي، درد وندن جو درمان، غريبن ۽ مزدورن جو مسيحا، عوام کي زبان ڏيندڙ، پيسجندڙ ماڻهن جو اتساهه، اسلام جو شيدائي ۽ مجاهد، مظبوط ۽ خوشحال پاڪستان جو حامي، گڏيل آئين جو خالق، ماڻهن جي اکين جي پنبڻين ۾ سمايل سچ جو سرواڻ، ملڪ کي سگهارو بڻائندڙ ايٽم بم جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي 4 اپريل 1979ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊي ۾ فطري طورتي ڦاهي ڏيڻ بجاءِ رات جو ٻي وڳي سخت تشدد ڪري ڦاسي جي سزا ڏني وئي، جڏهن ته ڦاهي جي سزا جي لاءِ فزيڪلي طور تي ٺيڪ هجڻ وارو سرٽيفڪيٽ ڊاڪٽر جاري ڪندو آهي، تنهن بعد ئي ڦاسي جي سزا تي عمل درآمد ٿيندو آهي، پر اهڙي قانون جي پوئواري ڪرڻ بجاءِ رات جي انڌيري ۾ رات جي رهزنن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني ۽ صبح جو ڏهين وڳي تائين ڳڙهي خدا بخش ۾ عظيم اڳواڻ جي تدفين فوجي نگراني هيٺ ڪئي وئي، اهڙي ڏکوئيندڙ واقعي تي سنڌ سميت سموري ملڪ ۽ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۽ اسلامي دنيا پاران روڄ ۽ راڙو ڪيو ويو ۽ اهڙي قتل کي سياسي قتل قرار ڏئي ملڪ جي تاريخ ۾ ڪاري باب جو اضافو ڪيو ويو.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ئيآشيرواد سان مقرر ٿيل چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ضياءُ الحق ان وقت جي نوستارن واري سياسي آکاڙي ۾ گڏ ٿيل مختلف سياسي کيڏاڙين ۽ آمريڪا جي سازش وسيلي ملڪ جي جمهوري نظام کي راتاهو هڻي مسلسل يارنهن سالن تائين عوام مٿان ڊڪٽيٽر شپ وارو عذاب نازل ڪيو ۽ عوام کي فوجي سزائن جهڙوڪ ڪوڙا، ڦاهيون ۽ گوليون لڳنديون رهيون پر جيئي ڀٽو جا نعرا مسلسل يارنهن سالن تائين جنرل ضياءَ الحق جون ننڊوڻ ڦٽائيندا رهيا. اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ جي عوام جي دلين ۾ شهيد ڀٽو جي بي پناهه محبت کي برداشت نه ڪندي آمر جنرل ضياءُ الحق سنڌي ماڻهن کان ڀٽو همدري جي انتقام وٺڻ لاءِ مختلف منصوبن تي عمل ڪندي مستقبل ۾سنڌ ڌرتي کي ٽامو بڻائڻ لاءِ مختلف منصوبا ترتيب ڏنا، جنهن ۾ ڪليشنڪوف، هيروئن ڪلچر، ڌاڙيل ڪلچر ۽ ايم ڪيو ايم فيڪٽر جو رونما ڪري سنڌ کي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو، جنهن مان اڄ تائين سنڌ واسي جان آجي نه ٿا ڪرائي سگهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن کي ملڪ جي عوام سميت ايشا ۽ اسلامي بلاڪ جو اڄ به هيرو تسليم ڪيو ٿو وڃي، اهڙي عظيم شخصيت کي جنم ڏيندڙ ڌرتي سنڌ آهي، جنهن پنهنجي ڪُکِ منجهان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ان جي عظيم نياڻي شهيد بينظير ڀتو سميت هزارين شخصيتن کي جنم ڏئي ان جي خوشبو سان دنيا کي واسي ڇڏيو آهي. اهڙي عظيم شخصيت شهيد ذوالفقار علي ڀٽوجي خاندان لاءِ تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته ڀٽو خاندان اصل ۾ هندستان جي جيسلمير راجستان جو رهاڪو هو، جنهن مان هڪ شخص سهتو خان ڀٽو لڏ پلاڻ ڪري لاڙڪاڻي ضلعي جي نئون ديرو لڳ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي هاڻوڪي ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيو ۽ اتي نئون ڳوٺ جوڙايو، جنهن ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش جي نالي سان مشهوري ماڻي ڇاڪاڻ ته سر شاهنوازخان ڀٽو جي ڏاڏي مرحوم وڏيري خدابخش ڀٽو جي نالي سان ئي ڳوٺ جي سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. سر شاهنواز ڀٽو1888ع ۾ غلام مرتضيٰ خان ڀٽو جي گهر ۾جنم ورتو ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي بنيادي تعليم حاصل ڪئي، ان بعد اعليٰ تعليم جي سلسلي ۾ سنڌ جي مشهور تعليمي درسگاه سنڌ مدرست الاسلام ۾ ۽ ان بعد وري سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچي مان اعليٰ تعليم جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ملڪ جي سياسي سرگرمين ۾ دلچسپي ورتي ۽ تقريبن 22 سالن جي عمر ۾ ضلعي لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي جي ميمبرطورکيس چونڊيو ويو ۽سنڌ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته سر شاهنواز خان ڀٽو 1924ع دوران بمبئي پريزيڊنسي واري دور ۾وزير جي عهدي تي رهندي عوام جي خدمت ڪئي سر شاهنواز خان ڀٽو پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻه شاديون ڪيون پهرين گهرواري مانٻه پٽ امداد علي خان ڀٽو۽ سڪندر علي خان پيدا ٿيا، جڏهن ته ٻي گهرواري مان ذوالفقار علي ڀٽو5 جنوري 1928ع ۾ پيدا ٿيو، سندس والده محترمه جو نالو خورشيده بيگم هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽوجي تعليمي ڪيريئر مطابق ڪيٿڊرل اسڪول بمبئي ۾سن 1937ع..کان 1947ع تائين، ان بعد يونيورسٽي آف سدرن ڪيليفورنيا آمريڪا مان 1947ع دوران تعليمي ڊگري حاصل ڪئي. ان بعديونيورسٽي آف ڪيليفورنياجي برڪلي ڪيمپس ۾1949ع دوران پوليٽيڪل سائنس ( آنرز) ۾ گريجوئيشن حاصل ڪرڻ بعد 1950ع دوران ڪرائسٽ چرچ ڪاليج (آڪسفورڊ) برطانيه ۾ 1950ع دوران داخلا ورتي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي برطانيه مان(آنرز گريجوئيشن )1952ع جي ڊگري حاصل ڪئي. جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تعليمي سرگرميون مڪمل ڪرڻ بعد ايشا کنڊ سان تعلق رکندڙپهرئين شاگرد جي حيثيت سان برڪلي اسٽوڊنٽ ڪائونسل ۾ 1954ع دوران شامل ٿيو۽ 25 آڪٽوبر 1957ع دوران گڏيل قومن جي ڇهين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي وفد جي اڳواڻي ڪئي ۽ سمنڊ جي قانون ۽ ان جي آزادي جي عنوان تحت ليڪچرڏنو،ان کان سواءِ 1958ع ۾ شاگردي واري عرصي دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ هڪ يادگار تقريرڪئي اهو اهڙي تاريخي خطاب دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽوپنهنجي اصولن تي ڪاربند رهندي پنهنجي ملڪ، خطي ۽ اسلامي دنيا سان ٿيندڙناجائزين تي چٽو موقف اختيار ڪندي ڪاوڙ ۾ اجلاس دوران ڪاغذ ڦاڙيندي اهو چئي اٿيو هو ته ”اسان هزار سال جنگ وڙهنداسين“، جڏهن ته شاگردي واري دور ۾ پنهنجي ڌرتي سان بي حد پيار ڪندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽوپنهنجي ذهانت تحت ننڍي کنڊ جي آزادي لاءِ هلندڙ تحريڪ دوران قائد اعظم محمد علي جناح رحه ڏانهن خط لکيو هيو، جنهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجو موقف اختيار ڪندي لکيو هيو ته” جيئن ته مان هيئر اڃان اسڪولنگ ڪري رهيو آهيان ۽ پاڪستان ٺاهڻ ۾ مان ڪابه مدد ڪري نه ٿو سگهان پر ايندڙ وقت ۾ مان پنهنجي ملڪ لاء جان به قربان ڪندس“ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قائد اعظم کي لکيل پنهنجي اظهار کي عملي طور تي ثابت ڪري تاريخ جي ورقن ۾ امر بڻجي ويو. ذوالفقار علي ڀٽو ڪجهه عرصوسنڌ مسلم ڪاليج ۾ بحيثيت ليڪچرار1954ع رهيوجنهن بحد ڪراچي ۾ ڪجهه عرصو وڪيل رام چنداڻي سان وڪالت پڻ ڪئي.ڀٽي سياست جي باقائده شروعات اسڪندر مرزا جي دور ۾ ڪئي هئي.ذوالفقار علي ڀٽو وزارت خارجه تان استيفعا ڏئي ۽ لاهور ۾ پارٽي ٺاهڻ لاء ڪنوينشن گهرايو مگر ان وقت صدر ايوب خان 144 جو قلم لاڳو ڪري ڇڏيو جنهن ڪري لاهور ۾ عام جلسو ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ جي ڪري ڊاڪٽر مبشر حسين جي گهر ۾ 30 نومبر 1967ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهي وئي. ( جڏهن ته پارٽي لاء ٽي نالا تجويز ڪيا ويا هئا. نمبر پهريو پيپلز پروگريسو پارٽي نمبر ٻيون پيپلز سوشل پارٽي. نمبر ٽيون پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پوء آخري نالو چونڊيو ويو۽ پارٽي جوجيڪومنشور ڏنوويوان ۾ اسلام اسان جو دين يقين، جهموريت اسان جي پاليسي، طاقت جو محور، سرچشمو عوام ،آهي ذوالفقار علي ڀٽو حڪومت ۾واپار جو وفاقي وزير 1958ع اطلات جو وفاقي وزير 1959ع پيٽرول ۽ توانائي جو وفاقي وزير 1960ع وزير خاجه 1963ع تا 1966ع صدر پاڪستان 20ڊسمبر 1971ع تا 13 آگسٽ 1973ع وزيراعظم پاڪستان ..14 آگسٽ 1973ع تا 5 جولاء 1977ع ڀٽي جي دور حڪومت جا اهم ڪارناما اهم صنعتي ادارن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو 3جنوري 1972ع مزدور جي حقن لاء پاليسين جو علان 10فيبروري 1972ع اولڊ ايج بينيفٽ وغيره سوشل سيڪيورتي اسپتال جو قيام لينڊ ريفارمز 1مارچ1973ع شملعه معادي تي دستخط مارشل لاء ختم ڪرڻ جو علان 21اپريل 1972ع 1971ع جي جنگ ۾ 90هزار پاڪستاني فوجين کي هندستان جي قيد مان آزاد ڪرائڻ ۽ قبضو ڪيل ايريا واپس ڪرائڻ ( جنهن ايريا جي ڪري 10لک ماڻهون اسان جا پاڪستاني هندستان وٽ وڃن پيا ) نيشنل بوڪ فائونڊيشن جو قيام 24سيپٽمبر 1972ع ڪراچي ۾ پاڪستان جي وڏي نيو ڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح 28نومبر 1972ع اين ڊي ايف سي جو بنياد 5فيبروري 1973ع قائداعظم يونيورسٽي جو بنياد 9فيبروري 1973ع پاڪستان جي آئين جي گڏيل منظوري 12اپريل 1973ع پورٽ قاسم اٿارٽي جو بنياد 27جون 1973ع پاڪستان اسٽيل مل جو بنياد 30دسمبر 1973ع بينڪن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ جو علان1جنوري 1973ع علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو بنياد 21مئي 1974ع لاهور ۾ اسلامي سربراه قانفرنس سڏائڻ 22فيبروري 1975ع ( جنهن ۾ پوري دنيا جا مسلم حڪمران هت پاڪستان ۾ گڏ ٿيا هئا ) پاڪستان ۾ پهرين سيرت ڪانفرنس جو بنياد 3مارچ 1976ع ڊسمبر 1974ع ۾ ڊاڪٽر قدير خان کي فيملي سميت گهرائڻ ۽ ايٽمي پروگرام لاء ڪم شروع ڪرائڻ. شلوار قميص کي قومي لباس جو درجو ڏيارڻ ( جڏهن ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ۽ ڪلبن ۾ شلوار قميص ۾ اچڻ منع هو پر ڀٽي ان کي قومي لباس جو درجو ڏياريو ) ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي ڪرائڻ شيخ زيد اسپتال لاڙڪاڻو ۽ ميڊيڪل ڪاليج نوابشاه قائم ڪرائڻ قطر، لبيا، ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي روزگار لاء آسانيون پيدا ڪرائڻ ذوالفقار علي ڀٽو جو نعارو. روٽي ڪپڙا اور مڪان هو ڀٽي جو دور حڪومت سان ماڻهن جو اميدون هنيون پر افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته ڀٽو جي حڪومت ايترو وقت نه هلي سگهي جو ڀٽو عوام لاء گهڻو ڪجهه ڪري سگهي هان، دشمنن کيس عوام کان پري ٿي رکڻ چاهيو ان ڪري کيس گهڻو وقت هلڻ نه ڏنو ويو ۽ ڀٽي جو اهيو نعارو روٽي ڪپڙا اور مڪان پورو ٿئي نه سگهيو. ذوالفقار علي ڀٽو ذهين هجڻ جي باوجود به هڪ تمام وڏي غلطي ڪئي ۽ هڪ چالاق، ۽ ڌوڪيباز شخص جنرل ضيا کي پنج سينئرن ماڻهن کان ڪراس ڪرائي کيس پاڪ فوج جو چيف مقرر ڪيو. ۽ کيس مٿان اعتبار ڪيو مگر انهيء شخص جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي ڌوڪو ڏنو ۽ ڀٽي جي زندگي ختم ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽوکي ملڪ ڇڏڻ جي آڇ يا موت قبولن جو چيوويوپر ڀٽو جيل ۾ هو ته اتي هڪ فوجي جنرل پڻ موڪليو ويو، جنهن ڀٽي صاحب کي اهيو چيو ته اگر تون ملڪ ڇڏي وڃين ته ان جو بندو بست ڪيو وڃي ۽ تون اهڙي ريت زنده بچي ويندين، پر ذوالفقار علي ڀٽي ان جنرل کي اهيو چئي واپس ڪري ڇڏيو ته پاڪسان منهنجو ملڪ آهي. منهنجي ڌرتي آهي مان مرندس به هتي ۽ جيئندس به هتي توهان کي جيڪي ڪرڻو آهي سو ڪيو مان پنهنجي ڌرتي، پنهنجو ملڪ، پنهنجو وطن نه ڇڏيندس ۽ ڀٽي پنهنجي جان ته قربان ڪئي پر پنهنجي ڌرتي نه ڇڏي. ( جيئن ٻيا ڇڏي ويا هئا ) ذوالفقار علي ڀٽوجون گرفتاريون پهرين گرفتاري. 12نومبر 1968ع تي حڪومت خلاف عوام کي ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ ڪئي وئي.جولاء 1977ع تي ملڪ ۾ جنرل ضياء مارشل لا لڳائي قومي اسيمبليون، صوبائي اسيمبليون ختم ڪري پاڻ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر صدر مقرر ٿئي ۽ ڀٽوکي گرفتار ڪرايو. تنهن کان پوء 28 جولاء 1977ع تي کيس آزاد ڪيو ويو.ان کان پوء 3 سيپٽمبر 1977ع تي کيس ڪلفٽن ڪراچي واري رهائش گاه تان گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس مٿان ڪوڙو ڪيس مڙهيو ويو ۽ 13سيپٽمبر تي 1977ع تي وري ٻيهر آزاد ڪيو ويو. 17سيپٽمبر1977ع تي وري ڀٽو کي لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪيو ويو، ۽ انهي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يعقوب علي خان کي پڻ ان ڪري هٽايو ويو جو هن نصرت ڀٽو جي مارشل لا لڳائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي منظور ڪري ورتي هئي. ۽ 9 آڪٽومبر1977ع تي ذوالفقار علي ڀٽو جي ذمانت جي درخوست رد ڪئي وئي. ۽ سپريم ڪورٽ جي ڦل بينچ جو سربراه رٽائر جج مولوي مشتاق کي بنايو ويو. ( جيڪو ڀٽي سان اصل ڪو نه ٺهندو هو جنهن ڀٽي کي چيو هو ته سپريم ڪپرٽ جو چيف جسٽس مون کي مقرر ڪر۽ ڀٽي هن کي اهيو چئي انڪار ڪيو هو ته تون ان جو اهل ناهين ۽ مولوي کي اهيا به وڏي باه هئي ڀٽي جي مٿان ) ۽ ان ڇهه مهينن جي ڪاروائي اندر ڀٽي صاحب کي 18 مارچ 1978ع تي ڦاسي جي سزا ٻڌائي. پوء 25 مارچ 1978ع تي سزا معاف ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي، انهيء دوران ٻه جج رٽائر ٿئي ويا. ۽ ست ججن مان ٽن ججن ڀٽي جي سزا کي رد ڪري ۽ معافي جي درخواست کي منظور ڪري ڇڏيو،مگر چار ججن ڀٽي جي ڦاسي جي سزا کي بحال رکيو ۽ معافي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. 24 فيبروري 1979 تي ملڪ جي صدر فضل الاهي کان پڻ ان ڪري استيعفا ڏياريو ويو جو هن ڀٽوجي ڦاسي واري سزا تي دستخط ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، ڀٽي کي سزا کانپوء 24 فيبروري 1979ع کان 4 اپريل 1979ع تائين ڪال ڪوٺڙي ۾ رکيو ويو. ۽ کيس طرحين طرحين جو تڪليفون ڏنيون ويون. ذوالفقار علي ڀٽوجي آخري ملاقات 3اپريل 1979ع تي سندس گهرواري نصرت ڀٽو ۽ نياڻي بينظير ڀٽو ڪرايي وي، جڏهن ڀٽي ٻنهيء کي ملاقات تي گڏ ڏٺو ته هڪ دم انهن کان پڇيائين ته اڄ آخري ملاقات آهي ڇا جو توهان ٻئي گڏ آيون آهيون، ۽ هنن جڏهن چيو ته ها ته ڀٽي جيلر کان تصديق ڪئي ۽ جڏهن جيلر کيس اهيو يقين ڏياريو ته ها اڄ اهيا آخري ملاقات آهي. ۽ سڀاڻي ڦاسي ڏني ويندي، تنهن کان پوء ڀٽي صاحب پنهنجون ڪجهه شيون سگار، ۽ ڪتاب وغيره هنن کي ڏنا، ۽ جيلر کي چيو ته منهنجي شيو جو بندو بدت ڪيو وڃي۔ ڇو جو هي دنيا هڪ خوبصورت دنيا آهي، ۽ مان خوبصورت واري حالت ۾ هي دنيا ڇڏڻ چاهيان ٿو۔ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪيس جي الزام ۾ 4 اپريل 1979 تي ڦاهي ڏني وئي ڀٽو پنهنجي قبر لاءجيڪا وصعيت ڪي ان م سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ 1969ع تي سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي حوالي سان لطيف ڊي ملهايو ويو جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي خاص مهمان طور سڏايو ويو ۽ ڀٽي صاحب لطيف صاحب تي ڳالهائيندي پنهنجي قبر لاء به وصعيت ڪئي ته مون کي مرڻ کانپوء شاه صاحب جي پيراندي کان دفن ڪيو وڃي. پر افسوس جو ڀٽي صاحب کي رات جي پيٽ ۾ بي رحمي سان قتل ڪري ۽ لانگ بوٽن جي پهري هيٺ کيس مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. ۽ تنهن کانپوء به ڪيترا ڏينهن سندس قبر مٿام فوجي پهرو رکيو. ويو، ۽ ڀٽي صاحب جي اهيا خواهش ۽ وصعيت به ظالمن پوري ٿيڻ نه ڏني. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي خداداد لياقتن ۽ عوام دوستيءَ سبب ملڪ ۽ عوام جي جيڪا خدمت ڪئي اها ڪا لڪل ڪهاڻي ناهي. هن پنهنجي اقتدار کي عام ماڻهن جي بنيادي حقن کي حاصل ڪرڻ سميت ملڪ جي ڀلائي لاءِ ايڏو ته وڏو ڪم ڪيو جنهن سان ملڪ جي عوام جون اکيون کلي ويون ۽ اهو عوام ڀٽو جي عوام دوستي جي پرک جي ڀيٽ ڪرڻ لڳو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آواز سان آواز ملائي کيس لبيڪ چوڻ لڳو. نتيجي طور قائد اعظم محمد علي جناح جي قائم ڪيل پاڪستان کي سازشن ڏانهن ڌڪيندڙ سازشي ٽولن کي اها ڳالهه نه وڻي، تنهن جو فائدو وٺندي آمريڪا پڻ ڀٽو خلاف انتقامي طور تي سازشون ڪرڻ شروع ڪيون، ڇاڪاڻ ته آمريڪا کي خوف ورائي ويو هيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي طرح سان اسلامي بلاڪ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، تنهن سان آمريڪا جي تباهي يقينن مقدر ۾ لکيل هئي، اهو پڻ واضع ڪرڻ ضروري آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سعودي عرب سميت وچ اوڀر جي اسلامي ملڪن مان تيل جي مد ۾ حاصل ٿيندڙ آمدني کي آمريڪا جي بئنڪن ۾ رکڻ واري پاليسي جي خلاف ماحول تيار ڪري رهيو هيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ان سلسلي ۾ عرب ملڪن جي سربراهن کي ان سلسلي ۾ تقريبن راضي به ڪري چڪو هيو. جنهن خلاف آمريڪا 1979ع دوران پاڪستان ۾ نو ستارن واري سياسي هلچل جو فائدو حاصل ڪندي، آمر جنرل ضياءَ الحق معرفت نه رڳو جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو پر ايشا ۽ اسلامي بلاڪ جي عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪرايو پر امريت جي ساٿارين آڏو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي ۽ عوام جي حقن لاءِ سندس خاندان جي فردن عظيم نياڻي بينظير ڀٽو، فرزندن مير شاهنواز ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو پڻ شهادت جو جام نوش ڪيو ۽ بيگم نصرت ڀٽوڏکن ڏوجهڙن سان مهاڏو اٽڪائيندي ان به ڀٽو فلسفي جي آبياري ڪندي پنهنجي جان جو نظرانو ڏئي تاريخ ۾ ڀٽو خاندان امر بڻجي ويو، جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سندس رت جا ويري سندس خاندان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات سازشون سٽيندا رهيا، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي زهر جو پيالو پياري پنهنجي بابا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀاڪر ۾ ابدي ننڊ سمهاريو ويو ۽ ڀٽو خاندان جا ويري مختلف سازشن تحت پنهنجي ئي ڀيڻ بينظير ڀٽو جي حڪومت دوران سندس جگري ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي گولين جو کاڄ بڻائي شهيد ڪيو ويو، جنهن کي پڻ پنهنجي بابا جي ڀاڪر ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي قبرستان ۾ سمهاريو ويو. ڀٽو خاندان جي رت جا ويري سندس نياڻي بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007ع دوران راولپنڊي ۾ شهيد ڪيوويو، جيڪا پڻ پنهنجي عظيم بابا جي ڀاڪر ۾ ڍير گلن هيٺان دفنائي وئي ۽ هڪ ئي خاندان جي چئني شهيدن جون قبرن جي مٽي اڃان سڪي ئي نه ٿي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وني خاندان جي اذيتناڪ شهادتن جو درد نه سهندي هن فاني دنيا کي الوداع ڪري پنهنجي چئني شهيدن سان گڏ قبرستان ڳڙهي خدابخش جي مقبري منجهان پنجن ئي قبرن ۾ آرامي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، شهيد مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ شهيدن جي سرواڻ بيگم نصرت ڀٽوگڏجي پاڪستان جي عوام کان اهو سوال ڪري رهيا آهن ته جمهوريت جي بقا ۽ ملڪ جي ڏتڙيل عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيل ڪوششن جي نتيجي ۾ کين ڪهڙي ڏوهه عيوض کين شهادت جو جام پياريو ويو، 43 سال اڳ کان ڀٽو خاندان خلاف کيڏي ويندڙ رت جي راند مختلف طريقن سان جاري آهي، جنهن ۾ ”جيئي ڀٽو“ جا نعرا هڻندڙ سوين آوازن کي دٻائي شهادت ڏني وئي آهي، پر اهو طئه آهي ته ” جيئي ڀٽو“ جو نعرو امرآهي ۽ امر ئي رهندو.










