شهيد بينظير يونيورسٽي ۾ بلوچ ڪلچر ڊي جي تقريب

شهيد بينظير يونيورسٽي ۾ بلوچ ڪلچر ڊي جي تقريب

نواب شاهه ( رپورٽ اي ڪي ڏاھري ) بلوچن جي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي بينظير آباد جي اڳواڻي  بلوچ ثقافت جي رنگن سان رڱجي وئي. وائيس چانسلر پرو فيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي جي خصوصي هدايتن تي يونيورسٽي جي  ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس جي اڳواڻي ۾ يونيورسٽي مختلف شعبن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين  طرفان بلوچن جي ثقافتي ڏينهن جي سلسلي ۾ دهل شرناين تي پٽڪا ۽ بلوچي ٽوپيون پائي ثقافي رقص ڪندي هڪ ريلي ڪڍي. ان دوران بلوچي رسم رواج مطابق شادي جي رسم پڻ ڪئي وئي  ويچار ونڊيندي شاگردن  چيو ته دنيا جي نقشي تي موجود لڳ ڀڳ هر ملڪ ثقافت جو ڏهاڙو ملهائي ٿو ۽ ملهائڻ به گهرجي. ڇو جو ثقافت انسان جي بقا جو هڪڙو طاقتور هٿيار هوندو آهي جيڪو انسان جي وجود جي زندهه هجڻ جي پڪ ڏياري ٿو، اسين سنڌ جا بلوچ خوش نصيب آهيون جو اسان هڪ ئي وقت بلوچي، سرائيڪي، براهوي ۽ سنڌي ثقافت جا اتحادي ۽ وارث آهيون. يونيورسٽي جي استادن پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي زرداري، پروفيسر ڊاڪٽر طيبه ظريف، ڊاڪٽر افضل ڪمبوه، ڊاڪٽر امير علي شاه، ڊاڪٽر سلمان ميمڻ ،ڊاڪٽر زاهد چنا، ڊاڪٽر نادر علي رند، اياز جراح، معراج نبي ڀٽي، دستار علي چانڊيو،عمران علي جتوئي، چيو ته اسان جون ٻوليون ۽ ثقافتون قديم، تاريخي آهن ۽ ان لا۽ ئي سگهاري ۽ شاندار حيثيت ۾ موجود آهن ۽ سندن مستقبل پاڪستان جي ٻين ٻولين ۽ ثقافتن کان وڌيڪ مضبوط ۽ محفوظ آهي. ٻولي ۽ ثقافت اسان جي سڃاڻپ آهي، اسان استادن جو اهو فرض آهي ته پنهنجي ايندڙ نسل کي پنهنجين سڀني ثقافتن بابت مڪمل ڄاڻ ڏيئي کانئن وچن وٺون ته توهان پنهنجي پنهنجي مادري ٻولي ۽ ثقافت جا امين رهندو. توهان پنهنجي ثقافتن جا حقيقي وارث آهيو ۽ توهان کي ئي سندن ترقيءَ لاءِ پنهنجي خصوصي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻو پوندو. ميڙاڪي جي پڄاڻيءَ تي ليڪچررمرينه مري بلوچي نظم پڙهي ۽ ليڪچرر افروز سيال بلوچي گيت جهونگاري محفل کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو