شهناز شيخ همت ۽ حوصلي جو نالو

شهناز شيخ همت ۽ حوصلي جو نالو

ڪي ماڻهو فطري طور تي سماج جي ڀلائي ڪرڻ لئه پيدا ٿيندا آهن. مونکي يقين آهي ته اُهي ماڻهو ادي شهناز شيخ جهڙا ئي هوندا آهن. ادي شهناز شيخ  بيبائي ڍڪ نالي ڳوٺ ۾ امام بخش شيخ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري آهي . جيڪو ڳوٺ هاڻي سندس والد صاحب امام بخش شيخ جي نالي سان سڏجي ٿو. ادي شهناز پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. انٽر وومين ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيو. شهناز شيخ هڪ سياسي ۽ سماجي گهراڻي سان تعلق رکي ٿي. شهناز شيخ انهن مظلوم ماڻهن جو سهارو ۽ آواز بڻجي ٿي جنهن جي لاءِ الله جي در کانسواءِ سڀ در بند هوندا آهن . مظلومن جو آواز بڻجڻ لاءِ سوشل ميڊيا جي ايپ فس بڪ جو استعمال ڪندي آهي .انهي ئي ايپ جو جنهن تي اسان سڄو ڏينهن مذاق مستي ۽ نالائق ماڻهن سان گڏ پنهنجو تصويرون شيئر ڪري فخر محسوس ڪندا آهيون. پر ادي شهناز انهي شوسل ميڊيا جو هاڪاري استعمال ڪندي. پنهنجي فيس بڪ پيج تي لائيو ايندي آهي ۽ مظلوم ماڻهن جو آواز هر اداري تائين پهچائيندي آهي . اهو ظلم ڪنهن تي جسماني تشدد جي صورت ۾ هجي ، ڪنهن جي ملڪيت تي غيرقانوني قبضو هجي يا ٻيو ڪوبه مسئلو هجي بنا جھجھڪ جي ۽ بنا ڪنهن خوف جي مسئلو اجاگر ڪندي آهي . نام نهاد ماڻهن پاران موت مار ڌمڪيون ملنديون رهن ٿيون ، ذهني طور ٽارچر ڪيو وڃي ٿو ۽ فيس بڪ پيج کي هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي ٿي پوءِ به ڪڏهن همت ناهي هاري .ادي شهناز شيخ همت ۽ حوصلو آهي انهن ماڻهن جي جنهن جو حوصلو اختتام پذير ٿي ويندو آهي . شهناز شيخ جڏهن ڏور سفر ڪري پنهنجي مٿي پاڻي ڀريندي ڏسي ٿي ته پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري انهن جي گهر جي گهٽي تي نلڪا ۽ سولر پمپ لڳائي ڏيئي ٿي . جنهن سان پاڻي جهڙي نعمت گهٽي تي ميسر ٿئي ٿي.جڏهن اهو ڏسي ٿي ته تعليم تزلي جي دور مان گذري رهي آهي ته ۽ سوچي ٿي ته تعليم کان سواءِ جهالت ۽ غربت کان ڪڏهن به پاند آجو نٿو ڪري سگهجي . تعليم هر ڪنهن جو بنيادي حق آهي . تڏهن غريب شاگردن جي همت افضائي ۽ مدد خاطر مختلف اسڪولن ۾ درسي ڪتاب ، ڊريس ۽ ٻيون ضروري شيون مهيا ڪري ٿي ۽ ادي  تعليم لاءِ جدوجهد ڪندڙ ۽ تعليم جي لاٽ سان پٺتي پيل علائقن کي روشن ڪرڻ جي خواهش مند آهي لاڪ ڊائون جي انتهائي تنگ ۽ مشڪل وقت ۾ ڪيترن ئي بي يارو مددگار ماڻهن جي اجهي ، لٽي سان گڏ ٻه ويلا ماني ٽڪي جو بندوبست ڪندي هئي ادي شهناز شيخ هن نفسا نفسي واري دور ۾ جنهن ۾ هرڪو پنهنجي لاءِ جيئي ٿو . انهي وقت ۾ ادي شهناز شيخ غريب ، لاچار،۽ اٻوجھ ماڻهن لئه اهڙي شمع مثل آهي جيڪو ڪيترن ئي غريبن جي گهرن کي روشن  ڪندو رهي ٿو .ڪاش اسين سڀ هڪ ٻئي جا خير خواھ ٿي پئو ته هن سماج جو ساريون رونقون بحال ٿي پون .دعاڳو آهيو ته ادي جي زندگي ۽ صحت ۾ الله تعاليٰ برڪت عطا فرمائي . 

تحريرنياز ڪنڀر

پهنجو تبصرو موڪليو