شهزاد اڪبر جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري

شهزاد اڪبر جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري

اسلام آباد (بيورو) وفاقي ڪابينا تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ اڳوڻي صلاحڪار شهزاد اڪبر جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شهزاد اڪبر سميت 10 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا.ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي 22 ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ، جڏهن ته ٽن ڄڻن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي منظوري به ڏني.گهرو وزارت جي ذريعن موجب بئريسٽر ضياءُ المصطفيٰ نسيم جو نالو به اي سي ايل ۾ وڌو ويو، شهزاد اڪبر ۽ ان تي هڪ پراپرٽي ٽائيڪون کي برطانيا مان ايندڙ رقم فراهم ڪرڻ جو الزام آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اي سي ايل ۾ گهڻي قدر نالا سيڪيورٽي ادارن جي سفارش تي وڌا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو