شهزاد اڪبر اشتهاري قرار، وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم

شهزاد اڪبر اشتهاري قرار، وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مرزا شهزاد اڪبر کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو تحريري حڪم جاري ڪيو آهي.جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد عباس شاهه مرزا شهزاد اڪبر کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو تحريري حڪم جاري ڪيو، جڏهن ته عدالت جي فيصلي ۾ شهزاد اڪبر جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو.تحريري حڪم موجب، مرزا شهزاد اڪبر کي ڪيترائي ڀيرا عدالت ۾ طلب ڪيو ويو، پر هو ڪنهن به ٻڌڻي لاءِ پيش نه ٿيو، جنهن کان پوءِ عدالت کيس اشتهاري قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.ذريعن موجب، مرزا شهزاد اڪبر خلاف ڪيس چالان پڻ عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي. اين سي سي آءِ اي پاران جولاءِ 2025 ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي تڪراري بيان جاري ڪرڻ جي الزام ۾ سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.عدالت جي حڪمن تي عمل ڪندي، لاڳاپيل ادارن کي شهزاد اڪبر جي گرفتاري لاءِ قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو