شهباز گل کي 4 هفتن لاءِ آمريڪا وڃڻ جي اجازت

شهباز گل کي 4 هفتن لاءِ آمريڪا وڃڻ جي اجازت

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل کي 4 هفتن لاءِ آمريڪا وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شهباز گل جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني فل بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت شهباز گل کي 4 هفتن لاءِ آمريڪا وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت شهباز گل کي هڪ ڀيرو پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.عدالت شهباز گل جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو