اسلام آباد(بيورو)پنجاب حڪومت جي نئين ايڊووڪيٽ جنرل احمد اويس بيان ڏنو آهي ته کيس شهباز گل جي فوجي عدالت ۾ ٽرائل تي ڪو به اعتراض ناهي. احمد اويس چيو ته شهباز گل جو بيان تحريڪ انصاف جي پاليسي موجب ناهي، کيس شهباز گل خلاف فوجي عدالت ۾ ڪيس هلائڻ تي ڪو به اعتراض ناهي. احمد اويس ايڊووڪيٽ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن شهباز گل جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿيو ته مريم نواز، مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف جو به فوجي عدالت ۾ ٽرائل ٿيڻ گهرجي.پيٽروليم واري مملڪتي وزير سينيٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته شهباز گل خلاف ڪيس فوجي عدالت ۾ هلي سگهي ٿو ته ٿيڻ گهرجي.










