اسلام آباد(بيورو)تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کانپوءِ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي به شهباز گل جي بيان کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو.پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي چيو ته شهباز گل غلط ڳالهايو پر آصف زرداري ۽ نواز شريف به بيان ڏنا، انهن کي جيلن ۾ ڇو نه وڌو پيو وڃي؟ قانون سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ افتخار دراني چيو آهي ته مريم نواز کان وٺي نواز شريف تائين سڀني اهڙا بيان ڏنا آهن جو انهن جو فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلڻ گهرجي ها.










