پارٽي چونڊ، شهباز صدر ۽ مريم سينيئر نائب صدر چونڊجي ويا

پارٽي چونڊ، شهباز صدر ۽ مريم سينيئر نائب صدر چونڊجي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ 4 سالن لاءِ ن ليگ جو بنا مقابلي صدر چونڊجي ويو. ن ليگ جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ اعليٰ قيادت شرڪت ڪئي.شهباز شريف ۽ مريم نواز هٿ لوڏي جنرل ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي نعرن جو جواب ڏنو. ان موقعي تي شهباز شريف ايندڙ 4 سالن لاءِ پارٽي جو بنا مقابلي صدر ۽ مريم نواز چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر چوندجي وئي. احسن اقبال ن ليگ جو جنرل سيڪريٽري ۽ مريم اورنگزيب اطلاعات سيڪريٽري چونڊجي وئي، جڏهن ته اسحاق ڊار عالمي معاملن ۽ اوورسيز بابت صدر چونڊجي ويو. ڪائونسل عطا تارڙ کي ن ليگ جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل چونڊيو.

پهنجو تبصرو موڪليو