اسلام آباد)بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري وزيراعظم ۽ اڳوڻي صدر جي بيانن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته شهباز شريف ۽ آصف زرداري جا بيان حيران ڪندڙ آهن.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي چپن تي بيٺل ٻنهي اڳواڻن کي احساس ناهي ته هو ڇا ڪري رهيا آهن.فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته هن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني جو هر عنصر دفن ٿي ويو آهي.هن چيو ته عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي نامزد جوابدارن جي جاچ بنيادي ڳالهه آهي، ان کان انڪار ڪرڻ قانون کي دفن ڪرڻ برابر آهي.










