شهبازشريف ضمانت لاءِ درخواست ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر شهبازشريف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مسلم ليگ  ن  جي صدر شهبازشريف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، درخواست ۾ ڊي جي نيب کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته درخواست ڪندڙ 70 سالن جو آهي ۽ ڪينسر جو به مريض آهي، ڪيس سياسي بنيادن تي ٺاهيو ويو آهي، ڪيس جو ٽرائل ختم ٿيڻ ۾ اڃان به وقت آهي تنهن ڪري ضمانت ڏني وڃي.ياد رهي ته جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اسجد جاويد گهرال تي مشتمل بينچ 29 مارچ تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.   

پهنجو تبصرو موڪليو