شعيب شاهين، علي بخاري جي ووٽرن کي تنگ نه ڪرڻ جو حڪم

شعيب شاهين، علي بخاري جي ووٽرن کي تنگ نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام آباد جي ٻن تڪن جي اميدوارن پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين ۽ علي بخاري جي درخواست تي ووٽرن کي حراسان ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق اڱاري ڏينهن ايس ايس پي آپريشن ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن کي طلب ڪري ورتو، شعيب شاهين ۽ علي بخاري کي ليول پلیئنگ فيلڊ نه ملڻ بابت شڪايتن جي ٻڌڻي ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻنهي تڪن ۾ ووٽرن کي حراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته اعليٰ آفيسرن کي فون ڪري ٻڌايو ويو ته درخواستگذار بار جا سينيئر اڳواڻ ۽ سينيئر وڪيل آهن.شعيب شاهين ۽ علي بخاري چونڊ مهم ۾ رڪاوٽن خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.شعيب شاهين عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته پوليس ڪارروائين کان روڪي رهي آهي.علي بخاري عدالت کي ٻڌايو ته اسان جا ماڻهو جڏهن ڪارنر ميٽنگ ڪندا آهن ته پوليس کين روڪڻ لاءِ پٺاڻ ايندي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته توهان ٻڌايو ته ڪنهن کي فون ڪريان ۽ ڪنهن کي حڪم ڏيان؟ علي بخاري ايس ايس پي، شهزاد ٽائون ۽ رورل پوليس کي به فون ڪرڻ جي درخواست ڪئي. شعيب شاهين درخواست ڪئي ته اليڪشن ڪميشن جي عملدارن کي به طلب ڪيو وڃي.سپريم ڪورٽ ٻنهي جي درخواست منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن ۽ ايس ايس پي آپريشنز کي اڱاري تي طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو