گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) سماجي تنظيم پاران ڏهرڪي ۾ رضاڪارن لاءِ مڃتا ايوارڊ جي تقريب ٿي گذري جنهن ۾ مهمان خاص ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام فتاح پڻ شرڪت ڪئي. پروگرام سهيڙيندڙن ۾ وقار ابڙو ۽ ساجد ڪورائي هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڄام فتاح سميجو جو چوڻ هو ته هي واحد سماجي تنظيم آهي جيڪا اسڪول کان ٻاهر شاگردن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ٿي جيڪو سٺو عمل آهي ۽ اهو توهان کي جاري رکڻو آهي پنهنجو مستقبل بچائڻ جي لاءِ هن جو اهو به چوڻ هو ته هتي جيڪو به سنڌ جي مقصد لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو اهو جس لهڻي. آخر ۾ ساجد ڪورائي ۽ وقار ابڙو طرفان رضاڪاراڻي طور تي ڪم ڪندڙ نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ ايپريسيئيشن سرٽيفڪيٽ پڻ تقسيم ڪيا ويا.










