شاهه رخ يونيورسٽي ۾ سينيئر هو پر مان کيس نه سڃاڻين هئس،خان

شاهه رخ يونيورسٽي ۾ سينيئر هو پر مان کيس نه سڃاڻين هئس،خان

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي هدايتڪار ڪبير خان ساڳئي يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ باوجود شاهه رخ خان کي نه سڃاڻندو هو.ڪبير خان هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته شاهه رخ خان نئين دهلي جي جامعه مليه اسلاميه يونيورسٽي ۾ منهنجو سينيئر هو پر مان کيس نه سڃاڻان.2006ع ۾ فلم ڪابل ايڪسپريس سان بالي ووڊ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ ڪبير خان جو چوڻ هو ته انهن ڏينهن ۾ به مان شاهه رخ خان کي گوري جي بواءِ فرينڊ طور سڃاڻندو هوس.هن چيو ته گوري ۽ مان هڪ ئي ميوزيڪل پروگرام ۾ گڏ هوندا هئاسين، اسان ڪيترن ئي مهينن تائين گڏ پريڪٽس ڪندا هئاسين، ان دوران شاهه رخ به اتي اچي ملاقات ڪندو هو.ڪبير خان چيو ته گوري خان هڪ بهترين ڊانسر ثابت ٿي جڏهن ته مان به خراب ناهيان، انهن ڏينهن ۾ ميري شاهه رخ خان سان به واقف ٿي وئي.هن چيو ته جڏهن مان فلمي ڪيريئر کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ممبئي آئي ته مون کي شاهه رخ خان کان سواءِ ڪو به نه ڄاتو.

پهنجو تبصرو موڪليو