اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيب طرفان اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين خلاف داخل ايل اين جي ريفرنس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين خلاف نيب ڪيس اسپيشل جج سينٽرل منتقل ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته شاهد خاقان عباسي جي شريڪ جوابدارن نيب ترميمي بل تحت عدالت جي دائري اختيار کي چئلينج ڪيو هو.اڄ احتساب عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج محمد بشير عدالت جي دائري اختيار ۾ محفوظ فيصلو ٻڌائيندي نيب ڪيس جي اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند کي منتقل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ايف آءِ اي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.واضح رهي ته ايل اين جي ريفرنس ۾ شاهد خاقان عباسي سميت 15 جوابدار نامزد آهن.شريڪ جوابدارن ۾ مفتي اسماعيل، عبدالله خاقان عباسي، شيخ عمران الحق، حسين دائود ۽ عبدالصمد دائود شامل آهن.










