اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي ناراض نه آهي هو وڏو ڀاءُ آهي ان وٽ پاڻ هلي وينديس شاهد خاقان عباسي پاران کيس پنهنجي ليڊر تسليم نه ڪرڻ جي بيان تي ردعمل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته شاهد خاقان عباسي جو منهنجي والد سان 30 سالن کان وڌيڪ جو لاڳاپو آهي. هو نوجوانن کي اڳتي آڻڻ چاهي ٿو سينيئر نائب صدر چيو ته احسن اقبال خواجه سعد رفيق سڀني سينيئرز جي سرپرستي ۽ نگراني ۾ ڪم ڪري رهي آهيان سينيئرز کي پنهنجي پٺيان بيهارڻ نٿي چاهيان نه منهنجي اهڙي پرورش ٿي آهي هي منهنجي لاءِ لائن آهن ان کي ڪراس نٿي ڪري سگهان.










