راڻيپور (ن س )راڻيپور لڳ ڳوٺ بچل شاھاڻي ۾ شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳاله تان جهيڙو فائرنگ جي نتجي ۾ هڪ عورت قتل 3ڄڻا زخمي، زخمين کي گمبٽ جي گمس اسپتال پهچايو ويو تفصل موجب راڻيپور جي يوسي گڏيجي جي ڳوٺ بچل شاھاڻي ۾ معمولي ڳاله تان شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو فائرنگ سبب 3 ڄڻا عجيب ، نياز ، عابد زخمي ٿي پيا جڏهن ته 55 ورهن جي عورت قتل ٿي وئي، آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هيو وقفي وقفي سان فارنگ جاري هئي جڏهن ٽنهي زخمين حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ، علائقي واسين طرفان راڻيپور پوليس تي جهيڙي کي روڪڻ ۾ سستي جي مظاهري ڪرڻ جو الزام لڳايو ٿي آھي










